شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي

شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي: هن جو اصل وطن سنڌ هو. هي شيخ لشڪر محمد عارف بالله جو برگزيدو خليفو هو. ظاهر ۽ باطني وڏي فضل ۽ ڪمال وارو بزرگ هو. هي دلسوز ۽ سهڻي آواز ۾ قرآن مجيد جي قرات ڪندو هو ۽ جيڪو به ٻڌندو هو، تنهن کي عجيب لذت ۽ سڪون ملندو هو. مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ جندالله ۽ شيخ لشڪر محمد (سندس پير) علم قرات ۾ هن جا شاگرد هئا. هي وڏو عابد، زاهد ۽ پرهيزگار هو. هن جا ڪيترائي مريد هئا، جن ۾ خليفو شيخ عبدالرحيم ڪنپرونجي سڀني کان ممتاز هستي آهي، ۽ ان کي ئي شيخ ابراهيم کان شطاريه سلسلي ۾ خلافت ملي. هن بزرگ 991 هه/ 1583ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار عادلپوره، سنڌي پوره برهانپور ۾ آهي


لفظ شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو